خيالي گومند

خيالي گومند: هيءُ ٿرپارڪر جو مشهور لوڪ گيت آهي. جيڪو زالون وسڪاري جي مند ۾ ڳائينديون آهن. هن لوڪ گيت ۾ هڪ عورت پنهنجي ڏير کي پرڻائڻ لاءِ آتي هوندي آهي ۽ کيس ڪجل پائڻ لاءِ آماده ڪندي آهي. گيت جي وراڻي آهي ’خيالي گومند ڪاجڙليو‘ يعني ته ’اي شوقين جوان اکين ۾ ڪجل وجهه ته سهڻو ڏسڻ ۾ اچين‘. هوءَ پنهنجي مامي، چاچي ۽ پيءُ کان ڏير لاءِ سڱ گهري ٿي، پر هو انڪار ڪن ٿا، آخرڪار مائٽين وڃڻ لاءِ سنڀري ٿي ۽ پنهنجي ڀاڄائيءَ کان نوَسرو هار گهُري ٿي. هن جي انڪار تي مڙس کيس چوي ٿو ته مائٽن ۾ هلي توکي اهڙو هار گهرائي ڏيندس. هن گيت جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
مگري وٺا ميهولا، رڙڪي آئي ريل،
مگري وائين ٻاجهرين، ڊاگئي وهايا مونگ،
خيالي گومند ڪاجڙليو ...
ڪاجڙ ڀريوڙا ڪونپلا، وسريا وڙلان هيٺ،
خيالي گومند ڪاجڙليو ...
ڍوڙي ڊامڻ ڌونڌريو، گورئي ڀريا اُوس،
خيالي گومند ڪاجڙليو ...
گورِي ولوڻو ولويو، گومند چَٽيا گوگ،
خيالي گومند ڪاجڙليو ...
ڏيو ڏيو ري ڏيوَر جي، ڪونپلا باڀل ري هاٿ
خيالي گومند ڪاجڙليو ...
مان جي نيڻان رو سڻگهار، مان جي ڏيور جِي رو سڻگهار،
خيالي گومند ڪاجڙليو ...


هن صفحي کي شيئر ڪريو